پاڪستانسنڌ

عدالت جو عامر لياقت حسين جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي: ڪراچي جي مقامي عدالت ڪجهه ڏينهن اڳ فوت ٿي ويل قومي اسيمبلي جي ميمبر عامر لياقت حسين جي پوسٽ مارٽم جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم بابت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو. عدالت شهري عبدالاحد پاران داخل درخواست منظور ڪندي عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جيئن عامر لياقت جي موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگھي. درخواستگذار جو چوڻ هو ته عامر لياقت هڪ مشهور ٽي وي اينڪر ۽ سياستدان هيو، سندس اوچتي موت سان ڪراچي جي شهرين ۾ شڪ شبها پيدا ٿين ٿا ۽ هنن کي شڪ آهي ته ملڪيت جي تڪرار تان عامر لياقت کي قتل ڪيو ويو، انهي ڪري هن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي جيئن موت جو ڪارڻ سامهون اچي سگھي. ٻئي پاسي سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته وارث عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم نٿا ڪرائڻ چاهين، وارث چون ٿا ته پوسٽ مارٽم ڪرائڻ سان هنن جي والد جي روح کي تڪليف پهچندي، وارث چون ٿا ته اسان کي ڪنهن تي به شڪ ناهي.

جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي لکت واري حڪم نامي ۾ چوڻ هو ته وارثن جو موقف آهي ته پوسٽ مارٽم سان عامر لياقت جي قبر جي بي حرمتي ٿيندي، ڪو شڪ ناهي، وارث عامر لياقت جي قبر جا وارث آهن پر موت شڪي ٿيو ۽ ڏوهه جو به خدشو هجي ته انصاف جو نظام حرڪت ۾ اچڻ گھرجي. لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته پردي پٺيان حقيقتون سامهون اچڻ گھرجن، پوليس سرجن موجب لاش جي ٻاهرئين معائني سان موت جو اصل ڪارڻ معلوم ناهي ٿيندو، واضح آهي ته عامر لياقت جي موت جو ڪارڻ اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگھيو، موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿيڻ سوال پيدا ڪري ٿو ته موت طبي ٿيو يا نه، عدالت ان نتيجي تي پهتي آهي ته پوسٽ مارٽم اڻٽر آهي جيئن شڪ ۽ شبا ختم ٿي سگھن. عدالت سيڪريٽري صحت کي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ميڊيڪل بورڊ پوسٽ مارٽم جي تاريخ مقرر ڪندو، ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ بابت عدالت کي به آگاهه ڪيو وڃي. عدالت ايس ايڇ او بريگيڊ کي سمورا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته مشهور ٽي وي اينڪر، مقرر ۽ ايم اين اي عامر لياقت 9 جون تي پنهنجي ڪمري ۾ بي هوش مليو هو، ملازمن جي اطلاع تي عامر لياقت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس موت جي تصديق ڪئي وئي. ملازمن جو چوڻ هو ته هڪ ڏينهن اڳ عامر لياقت کي دل ۾ تڪليف ٿي رهي هئي، هن کي اسپتال وڃڻ جو چيو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر موجب عامر لياقت کي مئل حالت ۾ اسپتال آندو ويو. پوليس رپورٽ موجب ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته جسم جو اندروني جائزو وٺڻ تائين عامر لياقت جي موت جو ڪارڻ معلوم نٿو ٿي سگھي. لاڏاڻي جي ٻئي ڏينهن عامر لياقت جي تدفين سندس وصيت موجب عبدالله شاهه غازي جي مزار جي اڱڻ ۾ ڪئي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button