پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ پرڻيل ڇوڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به آپگهات جو واقعو پيش آيو. ڳوٺ گونگاويري ۾ 17 سالن جي سرنگهاران زال الجي ڪولھي گھرن کان پري کوهه ۾ ٽپو ڏئي انت آندو، اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو، سواري نه ملڻ سبب 22 ڪلاڪن کانپو لاش تعلقي اسپتال پهچايو ويو. جڏهن ته لاش ڪجهه ڪلاڪ تعلقي اسپتال ۾ پيل رهيو، جيڪو پوسٽ مارٽ۾ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ناري جي 5 مهينا اڳ شادي ٿي هئي. ناري جي سھرو ڪمون ڪولهي ٻڌايو ته گهر ۾ ڪو به مسئلو ناہي، ناري گھران نڪري وئي هئي، اسان سمجھيو ته پاڻي ڀرڻ وئي آھي، پر هن خودڪشي ڪري ڇڏي. هوڏانهن پوليس موجب ناري گهروارن سان ناراض ٿي خودڪشي ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button