پاڪستان

اختيارين ريلوي ڀاڙن ۾ هفتي ۾ ٻيو ڀيرو واڌ ڪري ڇڏي

لاهور: اختيارين ريلوي جي ڀاڙن ۾ هڪ هفتي دوران ٻيو ڀيرو واڌ ڪري ڇڏي. مال بردار ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو، سڀني مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو، جڏهن ته پارسل ۽ لگيج ٽرينن جي ڀاڙن ۾ به 5 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. ريلوي کاتي ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته 14 جون تي ئي ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق ايڪسپريس ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو ۽ فريٽ جي ڀاڙن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪندي چيو هو ته مسافر ٽرينن جو ڀاڙو نه وڌندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button