پاڪستانپنجاب

سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ به بازارون رات جو 9 وڳي بند ڪرڻ جو اعلان

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز شريف توانائي جي بچت لاءِ سڄي صوبي جي واپاري برادري جي صلاح مشوري سان پنجاب ۾ شاپنگ مال، بازار ۽ ڪاروباري مرڪز رات 9 وڳي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وڏي وزير سان ملاقات ۾ سڄي صوبي جي واپاري اڳواڻن ۽ نمائندن جي ملاقات ٿي جنهن ۾ واپاري برادري توانائي بحران ۾ حڪومت اپائن جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو. حڪومتي سطح تي ٿيل مشاورت کانپوءِ شادي هالز رات 10 وڳي تائين کليل رهندا، ڇنڇر تي واپاري برادري کي ڪاروبار جي وقتن ۾ خاص رعايت ڏني ويندي، ريسٽورنٽس رات ساڍي يارهين وڳي تائين کليل رهندا، ميڊيڪل اسٽورز تي اهو فيصلو لاڳو نه ٿيندو، عيد جي شاپنگ لاءِ دڪان کولڻ جي پاليسي جو واپاري برادري سان صلاح مشوري سان جائزو ورتو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button