پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم لڳ قبو يگان مائينر ۾ پاڻي کوٽ، پوڇڙ جي آبادگارن جو مظاهرو

ٽنڊو آدم: ٽنڊوآدم لڳ قبو يگان مائينر ۾ پاڻي چوري ٿيڻ سبب 4 مهينن کان پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ تي هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل متاثر، متاثر آبادگارن پاران منڍ ۾ لڳل بااثر جا 11 پائيپ ڪڍيا ويا، پوليس مبينا ڏيتي ليتي عيوض واپس ڏيئي ڇڏيا، پوڇڙ جي آبادگارن پوليس خلاف احتجاج ڪيو، خبر موجب ڄام بئراج مان نڪرندڙ قبو يگان مائينر کي مبينا طور بااثر آبادگارن پاران هنڌان هنڌان پڪي شاخ کي ٽوڙي پائيپ لڳائي ڇڏيا آھن، پاڻي چوري ڪرڻ سبب گذريل 4 مهينن کان پوڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ تي هزارين ايڪڙن تي بيٺل ڪمند، ڪيلي، وونئڻن، ڦاروي جو فصل ۽ ڀاڄيون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آھن، جنهن سبب آبادگارن جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آھي.

متاثر آبادگارن پاڻمرادو ڪارروائي ڪري منڍ جي بااثرن جا 11 لڳل پائيپ ڪڍي تعلقي پوليس ٽنڊوآدم حوالي ڪيا، جيڪي پوليس مبينا ڏيتي ليتي عيوض بااثرن کي پائيپ واپس ڪري ڇڏيا، ان سلسلي ۾ آبادگارن جي وڏي انگ شاخ مان پاڻي چوري ۽ پوليس پاران رشوت عيوض پائيپ واپس ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آبادگارن غلام حيدر بلوچ، پوڙھو خاصخيلي، گل بيگ رند ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته بااثرن پاران قبو يگان مائينر مان پاڻي چوري ڪرڻ سبب اسان جا فصل تباھه ٿيا آھن، اسان بکون پيا ڪاٽيون، شاخ ۾ غيرقانوني لڳل پائيپ ڪڍي پوليس کي ڏنا پر ڏيتي ليتي عيوض پوليس واپس ڪري ڇڏيا، هنن گهر ڪئي ته اسان سان انصاف ڪري زرعي پاڻي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button