پاڪستانسنڌ

ٽنڊو محمد خان لڳ گهرو پريشانين سبب همراهه خودڪشي ڪري ڇڏي

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ڀرسان گهريلو پريشانين سبب همراهه ڳلي ۾ رسو وجهي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، لاش ايمبولينس نه هئڻ ڪري پوليس موبائيل ۾ اسپتال پهچايو ويو، ٽنڊو محمد خان ڀرسان ستر موري جي رهواسي 56 ورهين جي پيرسن علي حسن ملاح گهريلو پريشانين کان تنگ اچي ڳلي ۾ رسو وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو.

جنهن جي اطلاع تي پوليس پهچي ايمبولينس نه ملڻ جي صورت ۾ لاش کي پوليس موبائيل ۾ وجهي ڊسٽرڪٽ اسپتال منقتل ڪيو ويو، جتي ضروري ڪاروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button