پاڪستانسنڌ

ٽنڊوڄام ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن لا مظاهرو

ٽنڊوڄام: ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام جي ملازمن يونين پاران 60 کان وڌيڪ ملازمن جي پگھار بند ڪرڻ ۽ ڪچن ملازمن کي 8 سالن کان پڪو نه ڪرڻ، پينشن جي مد ۾ رھيل ڊفرنس ادا نه ڪرڻ خلاف سي بي اي يونين جي صدر ايوب لاهوتي، طيب ڳاھو، سينگار ڀنڊ، ديدار علي ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي سي بي اي يونين جي صدر محمد ايوب لاهوتي چيو ته ٽنڊوڄام ميونسپل جي انتظاميه غريب ملازمن جا ناانصافي ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري هن مهيني 120 ملازمن جي پگهار بند ڪئي وئي آهي. ان کانپو پنهنجن من پسند ماڻهن کي پگهارون جاري ڪيون ويون ۽ غريب مسڪين ملازمن جون اڃان تائين پگهارون بند آهن. هنن چيو ته ٻن ڏينهن تائين پگهارون جاري نه ڪيون ويون ته اسان مجبور ٿي سيوريج بند ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button