پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ “هاري ميلو” ۽ نيشنل ڪانفرنس

ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ يو بي ايل (پرائيويٽ بئنڪ) جي سهڪار سان “هاري ميلو” ۽ نيشنل ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ هارين لاءِ زرعي فنانسنگ جا موقعا ۽ انبن جي پيداوار ۾ درپيش چيلينجز بابت ماهرن پاران مقالا پيش ڪيا ويا، هاري ميلي جي افتتاحي تقريب يونيورسٽي جي مين آڊيٽوريم هال ۾ ٿي گذري، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته زراعت ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، نجي شعبي کي ان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اسان کي نج ٻجن ۽ جانورن جي صحتمند نسلن جي تحفظ تي ڀروسو ڪرڻو پوندو، جهن ته ويليو ايڊيشن، ويليو چين ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي به هٿي ڏيڻي پوندي.

هن چيو ته سنڌ جو 50 سيڪڙو علائقو ريگستاني آهي ۽ ماهرن کي گهرجي ته ان ۾ آرگنڪ فصلن جي پيداوار لاءِ منصوبا تيار ڪن، جنهن سان 100 سيڪڙو آرگنڪ ڀاڄيون ۽ ميوا پيدا ٿي سگهن ٿا، جنهن سان مقامي زميندار خوشحال ٿيندو، اسٽيٽ بئنڪ جي سينيئر جوائنٽ ڊائريڪٽر اڪرام الله قادري چيو ته هو زرعي ترقي لاءِ هارين لاءِ زرعي فنانسنگ کي وڌيڪ فروغ ڏئي رهيا آهن، ان حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ سان سلهاڙيل سمورن بئنڪن کي هدايتون ۽ پاليسيون جاري ڪيو ويون آهن. ايف اي او جي سنڌ ۾ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر روبينا وهاج، آبادگارن جي اڳواڻ سيد محمود نواز شاهه، نبي بخش سٺيو، يو بي ايل جي سهيل ملڪ، اعجاز سومرو، محمد اسماعيل ڪنڀر، عبدالستار ناريجو، فرقان سومرو، غلام حسين وڳڻ، مسز ندا اسد ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button