پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ هٿياربندن جي عورت ۽ سندس پٽ کان لکن جي ڦر

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ بدامني ختم نه ٿي، قاسم آباد ۾ ما ۽ پٽ کان 25 لک ڦر ڪيا ويا. خبر موجب حيدرآباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد جي علائقي علمدار چوڪ وٽ ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 4 هٿياربندن عنايت علي ميمڻ ۽ سندس ما کان 25 لک ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڄاڻايل ما ۽ پٽ بينڪ مان پئسا کڻي نڪتا ته کين هٿياربندن يرغمال بڻائي ورتو. ڦر واقعي جي رپورٽ حد جي ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي. حيدرآباد ۾ ٻيهر بدامني شروع ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button