پاڪستانسنڌ

سن ۾ پاڻي کوٽ خلاف سماجي تنظيم جي بک هڙتال

سن: سن ويجھو مانجھند تعلقي جي يوسي لاکا جي ڳوٺ سرائي سولنگي جي رهواسين مٺو پاڻي مهيا نه ڪرڻ خلاف ٽئين ڏينهن به انڊس ها وي وٽ علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ غلام علي سولنگي، فيض علي سولنگي، حبدار سولنگي، اختر حسين سولنگي ۽ ٻين چيو ته پبلڪ هيلٿ انتظاميا پيپلز پارٽي جي جيالي کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ڳوٺ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم ان جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، جيڪو سالن کان ڳوٺ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم تي قبضو ڪري ويٺل آهي، جيڪو پئسن عيوض پاڻي زميندارن کي وڪرو ڪري رهيو آهي. هنن اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button