اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جي آزادي جي حمايت ڪندڙ 2 پراسيڪيوٽرز برطرف

اسلام آباد :پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي دهشتگردي جي ڪيس ۾ بريت جي حمايت ڪندڙ ٻن پراسيڪيوٽرز کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. ذريعن مطابق گهرو وزارت ٻنهي اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽرز کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. عامر سلطان گورايا ۽ فاخرا عامر سلطان دهشتگردي ٽوڙ عدالت جا اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر هئا. ٻنهي پبلڪ پراسيڪيوٽرز عمران خان ۽ پي ٽي آئي قيادت جي پارليامينٽ تي حملي جي ڪيس ۾ بريت جي حمايت ڪئي هئي. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد عمران خان جي بريت جي حمايت ڪرڻ تي ٻنهي پراسيڪيوٽرز کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ خط لکيو هو. 2020 ۾ اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي بري ڪري ڇڏيو هو. واضح رهي ته 2014 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڌرڻي دوران مڇريل ماڻهن پي ٽي وي جي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو هو. (ن) ليگ جي حڪومت عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهرالقادري سميت گهٽ ۾ گهٽ 70 ماڻهن جي خلاف سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ پارليامينٽ هائوس، پي ٽي وي ۽ سرڪاري ملڪيتن تي حملن جي الزام ۾ دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button