اسلام آبادپاڪستان

اسپتال ۾ حياتي کي خطرو آهي،واپس جيل موڪليو وڃي:علي وزير

اسلام آباد :قومي اسيمبلي ميمبر علي وزير دعويٰ ڪئي آهي ته جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ سندس حياتي کي خطرو آهي، کيس واپس جيل موڪليو وڃي. ميڊيا رپورٽ مطابق علي وزير کي تازو ئي ڪراچي جي مرڪزي جيل مان علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. جڏهن ته هو چاهي ٿو ته کيس واپس جيل موڪليو وڃي. هڪ عهديدار سڃاڻپ نه ظاهر ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته علي وزير گذريل ڏينهن پنهنجو بيڊ ڇڏي ڏنو هو ۽ اسپتال جي احاطي ۾ احتجاج تي ويهي رهيو هو. هن ڪارڪنن کي خطاب به ڪيو، جنهن ۾ هن پنهنجي سيڪيورٽي جي حوالي سان خدشا ظاهر ڪيا. ڪورٽ پوليس جي آفيسرن جو چوڻ آهي ته ضلعي پوليس ۽ جيل جي عهديدارن قومي اسيمبلي ميمبر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪا رات دير تائين جاري رهي. عهديدار ٻڌايو ته ڳالهيون ڪاميابي سان ٿيون ۽ فيصلو ڪيو ويو ته کيس واپس جيل اماڻيو ويندو. آفيسرن جو چوڻ آهي ته اسيمبلي ميمبرن تي اسپتال ۾ ڪو حملو ناهي ٿيو، سندس دوستن به لاڳاپيل ٿاڻي ۾ ڪا شڪايت ناهي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button