اسلام آبادپاڪستان

گم ماڻهن بابت ڪميشن ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله گم ماڻهن جي بازيابي واري ڪيس ۾ چيو آهي ته لاپتا ماڻهو ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 8 سالن کان گم زاهد امين ۽ هڪ سال کان گم صادق امين کي بازياب ڪرائڻ واري درخواست تي شنوائي ٿي، جنهن ۾ درخواست گذارن پاران ايڊووڪيٽ ايمان مزاري عدالت ۾ پيش ٿي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هر هڪ جي نظر ۾ ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ڪميشن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته وضاحت ڪري ڇو موثر ۽ ذڪر جوڳو ايڪشن نظر نٿو اچي. ڪميشن رپورٽ جمع ڪرائي ته پروڊيڪشن آرڊر تي عمل نه ڪرڻ تي ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ ڇو نه لکيو؟ عدالت چيو ته رڪارڊ سان معلوم آهي ته پرڊيڪشن آرڊر جاري ٿيڻ کانپوءِ ڪميشن جي ڪارروائي هر هڪ جي نظر ۾ رسمي آهي. هڪ ڏهاڪو اڳ جوڙيل ڪميشن جبري گمشدگي جي خاتمي لاءِ وفاقي حڪومت کي تجويزون ڇو نه ڏنيون. پروڊيشن آرڊر تي عمل نه ٿيڻ کان پوءِ رڪارڊ تي اهڙو ڪجهه نه آهي ته ڪڏهن ڪميشن ڪارروائي لاءِ لکيو هجي. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته هي عدالت لاڳيتو چئي چڪي آهي ته جبري گمشدگي سنگين جرم ۽ آئين جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي. عدالت اکيون بند نٿي ڪري سگهي، پٽيشنرز شهري آهن، ڪميشن جي ڊيوٽي آهي ته گم ماڻهن جي گهرڀاتين تائين پاڻ پهچي. ان دوران رجسٽرار گم ماڻهو بازيابي ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته جي آئي ٽي رپورٽ ۾ گم ماڻهو ڪميشن زاهد امين کي جبري گمشدگي ڊڪليئر ڪيو، جنهن تي عدالت چيو ته جي آئي ٽي جڏهن چئي ڇڏيو ته هي جبري گمشدگي آهي ته اوهان پروڊيڪشن آرڊر ڪنهن کي اشو ڪيو. عدالت رجسٽرار کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪميشن صرف رسمي ڪارروائي لاءِ پروڊيڪشن آرڊر جاري ڪري ٿي. اوهان پٽيشنرز کي لاڳاپيل ڄاڻ ڇو نه پيا ڏيو، اوهان کي ته پاڻ پٽيشنرز تائين پهچڻ گهرجي. عدالت چيو ته ڪميشن غائب ماڻهن جي گهرڀاتين سان صحيح نموني پيش نه پئي اچي. اوهان انهن جي گهرن ڏانهن وڃو. چيف جسٽس رجسٽرار کان پڇاڻو ڪيو ته پروڊيڪشن آرڊر ڪڏهن جاري ٿيا، تاريخ ڇا آهي، جنهن تي درخواست گذار جي وڪيل ايمان مزاري ٻڌايو ته زاهد امين جو 14 سيپٽمبر 2020 تي پروڊيشن آرڊر جاري ٿيو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان پروڊيڪشن آرڊر جاري ڪري وساري ڇڏيو. جن کي جاري ڪيو ڇا انهن انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن تي ڪميشن جواب ڏنو ته ڪنهن انڪار ناهي ڪيو. عدالت چيو ته ڇا اوهان پروڊيڪشن آرڊر تي عمل نه ڪرڻ ڪري ان خلاف ڪارروائي جو لکيو؟ اوهان 14 سيپٽمبر 2020 تي پروڊيڪشن آرڊر جاري ڪيو، هرهڪ جي نظر ۾ اوهان کي ڪجهه نظر آيو هوندو. عدالت سوال ڪيو ته هن کان وڏو ڪوئي اشو انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو ٿي سگهي ٿو، جنهن کان پوءِ جسٽس اطهر من الله لاپتا زاهد امين جا پروڊيڪشن آرڊر تي عمل نه ڪرڻ بابت رپورٽ طلب ڪندي گم ماڻهو ڪميشن کي غائب ماڻهن جي گهرڀاتين کي مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button