اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

چڻن جي دال 28 رپيا،مهري دال 55 رپيا ۽ چڻا 87 رپيا في ڪلو مهانگا

اسلام آباد :يوٽيلٽي اسٽورن تي دالين جي اگهن ۾ وڏي واڌ ٿي وئي آهي، چڻن جي دال جي قيمت 162 رپين مان وڌي 190 رپيا ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب يوٽيلٽي اسٽورن تي ڪيتريون ئي شيون مهانگو ٿيڻ جي هڪ ڏينهن کانپوءِ دالين جي قيمتن ۾ به وڏي واڌ ٿي وئي. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب چڻن جي دال جي قيمت ۾ 28 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ چڻن جي دال جي قيمت 162 رپين مان وڌي 190 رپيا ٿي وئي آهي. نون اگهن موجب اڇا چڻا 87 رپيا مهانگا ٿيڻ کانپوءِ 213 رپيا في ڪلو مان وڌي 300 رپيا في ڪلو ٿي ويا. مهري جي دال 55 رپيا في ڪلو تي واڌ کانپوءِ 215 رپيا في ڪلو مان وڌي 270 رپيا ٿي وئي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف برانڊن جون ٽوٿ پيسٽس، ٿانون ڌوئڻ جا صابڻ، ماچيس، مصالحا ۽ ٻيون شيون مهانگيون ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن جي هڪ ڏينهن کانپوءِ ئي داليون به مهانگيون ڪيون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button