اسلام آبادپاڪستان

جسٽس قاضي فائز خلاف حڪومتي ريفرنس واپس وٺڻ لاءِ ڳالهايو ويندو:وزارت قانون

اسلام آباد :قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج ۽ ايندڙ چيف جسٽس جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف حڪومتي ريفرنس واپس وٺڻ لاءِ وزيراعظم سان فوري ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ معاملو اٿاريو ويندو. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي ڊائريڪٽوريٽ آف ليگل ايجوڪيشن جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي وطن واپس آڻڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿي. پرويز مشرف کي سزا ٿي هئي، واپس اچي عدالتن کي مُنهن ڏي. پرويز مشرف کي واپس اچڻ گهرجي. وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت آهي ته بار ڪائونسلز سان سهڪار ڪيو وڃي، هميشه جمهوريت لاءِ بار ڪائونسلز مُک ڪردار ادا ڪيو آهي. آمريت جي دؤر ۾ بار ڪائونسلز ڪيترن ئي مشڪلاتن جو مُنهن ڏٺو. هن چيو ته رول آف لا ۽ گڊ گورننس لاءِ وڪيلن جو ڪردار اهم آهي. ليگل ايجوڪيشن ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو. ڊائريڪٽوريٽ جو 7 رڪني اسٽاف پڻ مقرر ڪيو ويو آهي. لا ڪاليجز بابت سموري ڄاڻ ڊائريڪٽوريٽ مان وٺي سگهجي ٿي. رجسٽرڊ لا ڪاليجز جي ڄاڻ پڻ ڊائريڪٽوريٽ جي ويب سائٽ مان حاصل ڪري سگهجي ٿا. قانون واري وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف صوابديدي مان فنڊ گرانٽ ان ايڊ کي 4 ڪروڙ ڏنا آهن، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پڻ 4 ڪروڙ رپين جي گرانٽ ڏني آهي. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر احسن ڀون چيو ته وڪيلن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ احسن قدم کڻڻ تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪريون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button