پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ مقتول شاگرد جا قاتل 2 ڀائر گرفتار، ڏوهه جو اعتراف

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو پوليس شاگرد جي قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي حيدري اسد الله ڀٽي، ايس ايڇ او حيدري خادم بليدي، ٽريفڪ سارجنٽ ٽو عبدالوحيد ابڙو ۽ ٻين سان گڏجي ايس ايس پي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٽي ڏينهن اڳ حيدري ٿاڻي جي حد صديقي ڪالوني واسي نائين ڪلاس جو شاگرد شيراز جمالي گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو هو، جنهن جي وارثن ٿاڻي تي پهچي شڪايت ڪئي ۽ ڳولا بعد شاگرد جو تشدد ٿيل لاش صديقي ڪالوني جي مسجد مان هٿ آيو هو. هن ٻڌايو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ نوٽيس وٺندي جي آءِ ٽي ٽيم جوڙي جنهن 24 ڪلاڪن اندر واقعي جي جاچ ڪري مهارت ۽ جديد ٽيڪنيڪي سسٽم جي ذريعي بلائنڊ قتل ڪيس کي ٽريس آئوٽ ڪري واقعي ۾ ملوث مُک جوابدار صديقي ڪالوني واسي اصغر سانگي ۽ سندس ڀاءُ علي اڪبر سانگي کي گرفتار ڪري سندن وٽان پيچڪش ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو آهي. هن چيو ته گرفتار جوابدارن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس مقتول شاگرد جي والد جي فرياد تي داخل آهي ۽ گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button