اسلام آبادپاڪستان

عمران خان عدالت ۾ پيش،لانگ مارچ سميت 10 ڪيسن ۾ ضمانت منظور

اسلام آباد :اسلام آباد جي مقامي عدالت لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه وارن ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي 10 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ضمانت لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو، ان سلسلي ۾ هو اسلام آباد جي مقامي عدالت پهتو. سيشن جج ڪامران بشارت مفتي عمران خان جي ضمانتن واري درخواست تي شنوائي ڪئي. عدالت 10 ڪيسن ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي 5،5 هزار رپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض 6 جولاءِ تائين ضمانت منظور ڪندي ايندڙ شنوائي تي پوليس کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button