پاڪستانسنڌ

رتوديرو لڳ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ استاد قتل

رتوديرو: رتيديري لڳ هٿياربندن جي فائرنگ، پراڻي تڪرار تان پرائمري استاد قتل خبر موجب رتوديرو ٿاڻي جي حد واري علائقي سيلرا لاڙي وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ سمندر سناڻي جي رهواسي پرائمري استاد محمد رمضان سناڻي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. اطلاع تي رتوديرو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال کڻائي پهتي، جتي ضروري ڪارروائي پوري ٿيڻ بعد لاش مقتول جي وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته مقتول جو لاش سندس گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ مقتول جي سئوٽ آدم سناڻي ٻڌايو ته اسان جو پنهنجي برادري وارن سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان هي واقعو پيش آيو آهي. آخري اطلاعن تائين حد واري ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button