پاڪستانسنڌ

تلهار ۾ مستحق عورتن کي ملندڙ 2 هزارن مان به ڪٽوتي، احتجاج

تلھار: تلھار ۾ حڪومت طرفان جاري ڪيل 2000 روپيا به مستحق عورتن کي ملڻ مھانگا ٿي ويا، دڪاندارن پاران ھٿرادو سروس خراب ھجڻ ۽ بيلينس نه ھجڻ جو جواز ڄاڻائي عورتن کي 2000 کان محروم رکيو ويو، نٽھڻ اس ۾ پيرسن عورتون بي حال ٿي ويون، ڪيتريون ئي عورتون بيھوشي ٿي ويون، مختلف جاين تي دڪاندارن مٿان متاثر مستحق عورتن پاران ڪٽوتي جا به الزام هنيا ويا آهن، جڏھن ته ڪيترن ئي مستحق عورتن مين فاروق اعظم چوڪ ۽ دڪاندارن جي دڪانن آڏو احتجاج پڻ ڪيو. مستحق عورتن جو چوڻ ھو ته تلھار ۾ ھر دڪاندار ملندڙ معاوضي مان عورتن کان ٻه کان ٽي سئو روپيه ڪٽوتي ڪري رھيو آهي، جڏھن ته ھڪ سئو روپيه اسان خوشي سان ڏيڻ لا تيار آھيون، ان باوجود دڪاندار مڃڻ لا تيار ئي ناھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button