پاڪستانسنڌ

کورواهه ۾ زمين تي مبينا قبضي خلاف پرائمري ماستر جو احتجاج

کورواھه: زمين تي مبينا قبضي خلاف پرائمري استاد محمد آصف لاشاري کورواھه پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ھن چيو ته يوسي کورواھه جي ديھه لکي ۾ منھنجي 23 ايڪڙ سروي زمين آھي، جنھن تي بااثر شخص جي چرچ تي بچايو شيخ، صوف شيخ، يوسف شيخ ۽ ٻين قبضو ڪري ھٿياربند ويھاري ڇڏيا آھن.

هو زمين مان وڻ وڍائي کڻي ويا آھن، زمين آبادي لا تيار ٿيل ھئي، جنھن تي مون 2 لک روپيه خرچ ڪيو هو، قبضو ڪندڙن رات وچ ۾ پاڻي ڇڏي ڪلا ٺوڪي ڇڏيا آھن ۽ مون کي زمين تي اچڻ به نٿا ڏين، مون کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن،هن مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ ڏنو وڃي. ٻئي طرف ايس ايڇ او کورواھه عارف جروار جو چوڻ آھي ته اھو ڪورٽ جو ميٽر آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button