پاڪستانسنڌ

حرامي ڍوري مان مڇي جو شڪار ڪندڙ جاتي واسي 2 مهاڻا گرفتار

جاتي: ڀارتي بارڊر سيڪورٽي فورسز ڪالھه سرڪريڪ ايريا جي حرامي ڍوري مان مڇي جو شڪار ڪندڙ ٻن پاڪستاني مهاڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ٿيلن ۾ صدام حسين پٽ غلام مصطفي ملاح ۽ علي بخش پٽ خير محمد ملاح شامل آھن. جن جو تعلقي جاتي جي ساحلي پٽي واري ڳوٺ زيروپوائنٽ سان آھي.

ڀارتي فورسز پاران حرامي ڍوري واري سامونڊي علائقي ۾ 23 جون کان مڇي جو شڪار ڪندڙ جاتي واسي مهاڻن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو هو، جنهن ۾ 9 ننڍيون ٻيڙيون ٻن ڏينهن ۾ پڪڙي ورتيون. هن ڳوٺ جا 12 مهاڻا ڪافي عرصي کان ڀارتي جيلن ۾ اڳ ئي قيد آھن، هاڻي اهو تعداد وڌي 14 ٿي ويو آھي. جڏهن ته ڀارت ۾ قيد سجاول ضلعي جي مهاڻن جو تعداد وڌي 48 ٿي ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button