پاڪستانسنڌ

جيڪب آباد ۾ دستي بم حملو، هڪ نوجوان شهيد، 2 اهلڪارن سميت 8 ڄڻا زخمي

جيڪب آباد(رپورٽ: حاڪم ايري) جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد مولاداد ڦاٽڪ واري علائقي ۾ دهشتگردن ايف سي بلوچستان جي گاڏي تي دستي بم سان حملو ڪيو، بم ڌماڪي ۾ هڪ نوجوان غلام مصطفى جکراڻي موقعي تي شھيد ٿي ويو ۽ ٻن پوليس اهلڪارن ٺٽي واسي فياض چوهاڻ ۽ اياز ٽالاڻي سميت بلوچستان جي علائقي تاجپور جي رهواسين غازي خان چانڊيو، سردار چانڊيو، قادربخش لاشاري، غلام نبي ڊومڪي، قيصر جتوئي ۽ صيف الله لاشاري سميت 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، ايف سي اهلڪار بچي ويا ۽ سندن گاڏي پڻ محفوظ رهي. هوڏانهن اطلاع تي وڏي تعداد ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا، مولاداد ڦاٽڪ بند ڪري علائقي کي ڪڙو چاڙھي ڇڏيو، نوجوان جي لاش سميت 8 زخمين کي اسپتال پهچايو ويو، جتي هڪ زخمي نوجوان پوليس اهلڪار اياز احمد ٽالاڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس سکر ۽ بعد ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو ۽ ٻين زخمين کي سول اسپتال کان جمس منتقل ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته بم ڌماڪي سبب علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو ۽ ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، انهي ڀاڄ دوڙ ۽ هڪ دهشتگرد واقعي واري علائقي جي ڳڙھي سٻايو پاڙي جي هڪ گهر ۾ گهڙي ويو، جنهن کي پاڙي وارن پڪڙي پوليس حوالي ڪيو، جنهن جي سڃاڻپ بلوچستان جي ڊيره مراد واسي طور ڪئي پئي وڃي. جنهن جي عمر 19 کان 20 سال هئي ۽ ڊومڪي قبيلي سان تعلق ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته ذريعن کان معلومات موجب ته گرفتار ٿيل دهشتگرد ٻڌايو آهي ته اسان ٻه ڄڻا ھئاسين ٻيو ساٿي مري قبيلي سان تعلق رکي ٿو، جيڪو فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان صبح سوير هتي آيل هئاسين اسان دستي بم ايف سي جي گاڏي مٿان اڇلايو پر انهن جي گاڏي نڪري وئي ۽ ٻاهر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو.

سنڌ جي وڏي وزير جي جيلن واري صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جمس اسپتال ۾ زخمين جي عيادت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو. هن چيو ته ڌماڪي ڪرڻ جي شڪ ۾ گرفتار ٿيل جوابدار بابت ايس ايس پي ٻڌايو آھي ته جوابدار ڊيرامرادجمالي بلوچستان جو رهواسي آھي، جنهن ايف سي بلوچستان جي گاڏي کي ٽارگيٽ ڪيو ۽ هو بلوچستان کان گاڏي جو پيڇو ڪري رهيا هئا. اڳوڻي وفاقي وزير سردار محمد ميان سومرو ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھه ڊاڪٽر قادر مگسي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ڌماڪي ۾ شھيد ٿي ويل نوجوان جي وارثن سان ڏک جو اظهار ۽ زخمين جي صحتيابي لا دعا ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button