اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي وي تي حملو ڪندڙن حڪومت ۾ اچي معاشي قتل ڪيو:مريم اورنگزيب

اسلام آباد : اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻي دور ۾ پي ٽي وي تي ڪرڪيٽ رائيٽس جي نالي تي ڌاڙو هنيو ويو، اي آر وائي کي ڪرڪيٽ حق ڏيارڻ لاءِ سنگين خلاف ورزيون ڪيون ويون. عمران خان جي چوڻ تي اڳوڻي وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري پي ٽي وي کي نقصان پهچائڻ لاءِ سهولت ڪار جو ڪردار ادا ڪيو. هن اهو ڏوهه ڪيو آهي جنهن جي معافي نه ملندي. پي ٽي وي تي حملو ڪندڙن حڪومت ۾ اچي پي ٽي وي جو معاشي قتل ڪيو. سوچي سمجهي سازش تحت پي ٽي وي جا حق غير قانوني طور تي ڪنهن ٻئي چينل کي ڏنا ويا. جڏهن اي اسپورٽس کي ڪرڪيٽ ڏيکارڻ لاءِ حق ڏنا ويا ته ان وقت ان وٽ لائسنس ئي نه هو، غير قانوني ڊيل جي نتيجي ۾ پي ٽي کي هيل تائين 52 ڪروڙ جو نقصان ٿي چڪو آهي، پي ٽي وي سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان جا نتيجا اڄ پي ٽي وي ڀوڳي رهي آهي. پي ٽي وي اسپورٽس واحد اسڪرين آهي جنهن مان پي ٽي وي کي روينيو حاصل ٿيندو آهي پر پي ٽي آئي جي دور ۾ ان روينيو کي خساري ۾ تبديل ڪيو ويو. قومي مفاد تي سمجهوتو ٿيڻ نه ڏينداسين، پي ٽي وي ان جو حق واپس ڏياري رهنداسين. ڇنڇر ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي وي قومي نشرياتي ادارو ۽ رياست جو آواز آهي، هي پاڪستان جي قومي سڃاڻپ آهي، ان ئي اداري سبب باقي براڊ ڪاسٽرز به جنم ورتو. هن چيو ته اڄ صحافت مڪمل طور تي آزاد آهي، ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي. هن چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس واحد اسڪرين آهي جنهن مان پي ٽي وي روينيو حاصل ڪندو آهي، ان کانسواءِ پاڪستان جي عوام 35 روپيه لائسنس في جي مد ۾ پي ٽي وي کي ادا ڪري ٿي، انهن آمدني جي ذريعن مان پي ٽي وي پنهنجا خرچ پورا ڪري ٿي. هن چيو ته 2014ع جي ڌرڻي ۾ عمران خان ان اداري تي حملو ڪيو هڪ ٻئي کي مبارڪ ڏني، عمران خان ان وقت پنهنجي ڪارڪنن ۽ ٽيم کي شاباش ڏني، ان کانپوءِ جڏهن 2018ع ۾ پي ٽي آءِ اقتدار ۾ آئي ته هن ان اداري جو معاشي قتل شروع ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آئي پهريان ئي چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو کي بي بي سي ماڊل تي سمارٽ نيشل براڊ ڪاسٽر بنايو ويندو پر انهن ريڊيو ۽ پي ٽي وي جي عمارتن کي نيلام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اپريل 2022ع ۾ جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته معلوم ٿيو ته پي ٽي وي اسپورٽس جا ڪرڪيٽ رائيٽس لاءِ گروپ ايم ۽ اي آر وائي سان معاهدو ٿيو آهي، ان تي اسان اپريل 2022ع ۾ فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي قائم ڪئي جنهن جي ٻن مهينن تائين جاچ جاري رهي. هن چيو ته مون وٽ آسان رستو هو ته پهرين ڏينهن ئي فوري طور تي ان موضوع تي پريس ٽاڪ ڪري الزام لڳائي ڇڏيان ها ۽ انهن ماڻهن کي جيل ۾ وجهي وساري ڇڏيا ها. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ پي ٽي وي سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان جا نتيجا اڄ پي ٽي وي ڀوڳي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button