پاڪستان

آرمي چيف جي وني سميت پرويز مشرف جي دبئي ۾ عيادت

ڪراچي: اڳوڻي فوجي حڪمران جي گهرڀاتين جي ويجهن ذريعن مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ سندس گهرواري تازو ئي دبئي ۾ بيمار اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف جنرل (ر) پرويز مشرف جي عيادت ڪئي آهي. ملاقات کان واقف ويجهن ذريعن “ايڪسپريس ٽريبيون” کي ٻڌايو ته جنرل قمر جاويد باجوا سان گڏ سندس وني ۽ پاڪ فوج جا اعليٰ ڊاڪٽرز به هئا جڏهن ته اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جي گهرڀاتين وڏي خوشي سان آرمي چيف ۽ سندس وني جي آجيان ڪئي. ذريعن مطابق ملاقاتين ڪجهه وقت پرويز مشرف ۽ سندس گهرڀاتين سان گڏ اپارٽمينٽ ۾ گذاريو جڏهن ته فوجي ڊاڪٽرن 78 ورهين جي اڳوڻي فوجي حڪمران جو معائنو ڪيو جنهن کي گڏيل عرب امارتن ۾ امائلائيڊوسس نالي موتمار بيماري جي سڃاڻپ ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button