خيرپور: خيرپور جي ميونسپل ڪاميٽي وارڊ نمبر هڪ تي آزاد اميدوار گڏھه گاڏو هلائيندڙ پورهيت جي نياڻي پروين شيخ پ پ اميدوار کي شڪست ڏئي تاريخ رقم ڪري ڇڏي. خبر موجب خيرپور جي ميونسپل ڪاميٽي وارڊ نمبر هڪ آزاد عورت اميدوار گڏھ گاڏو هلائيندڙ پورهيت گلشن شيخ جي نياڻي پروين شيخ 430 ووٽ کڻي پ پ اميدوار منٺار شيخ کي شڪست ڏئي تاريخ رقم ڪري ڇڏي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل پي پي اميدوار منٺار شيخ 390 ووٽ کڻي هارائي ويو. پروين شيخ ٻڌايو ته خيرپور سميت پوري سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي، هاڻي پي پي حڪومت ڪجھه ڏينهن جي مهمان آهي، عوام پ پ مان بيزار ٿي ويو آهي. ھن وڌيڪ چيو ته رهواسين مون تي اعتماد ڪري ڪامياب ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close