پاڪستانسنڌ

پني عاقل ۾ گئس سان ڀريل ٽينڪر کي باهه،3 ڄڻا سڙي فوت

پنوعاقل: پني عاقل ۾ ايل پي جي گئس سان ڀريل ٽينڪر کي باهه لڳڻ جي ڪري 3 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آھن. رپورٽ موجب، سانگي ڀرسان خانگي ڊپو تي گئس سان ڀريل ٻن ٽينڪرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. فوتين جي سڃاڻپ محمدرمضان، مدد علي ۽ وفا حسين منگي طور ڪئي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽينڪر ۾ غيرقانوني طريقي سان گئس ڀرڻ دوران واقعو پيش آيو، فوتين جا مڙهه ايڌي ايمبولنس جي ذريعي تعلقي اسپتال پنو عاقل منتقل ڪيا ويا. اطلاع موجب، واقعو غيرقانوني طور ايل پي جي گئس هڪ ٽينڪر مان ٻئي ٽينڪر ۾ منتقل ڪرڻ دوران پيش آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button