سڳيون: سڳيون ۾ يوسي عبدالڪريم کرل تي بلدياتي اليڪشن ۾ چيئرمين جي سيٽ تي هارايل آزاد اميدوار بشير احمد چنا جي اڳواڻي ۾ سندس حامين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي هنن چيو ته پ پ پ جي کٽيل اميدوار جي اڳواڻي ۾ سندس حامين سڳيون شهر ۾ ريلي ڪڍي مختلف چوڪن تي شديد فائرنگ ڪئي، جنهن کان پو هٿياربندن هارايل آزاد اميدوار بشير احمد چنا جي پيٽرول پمپ تي شديد فائرنگ ڪري خوف پکيڙيو، پر اختيارين ڪوبه قدم نه کنيو آهي. هارايل آزاد اميدوار بشير احمد چنا جو چوڻ هو ته اليڪشن ڏينهن پ پ پ جي ماڻهن ڌانڌلي ڪري کٽيو آهي، ڇو ته وارڊ نمبر هڪ تي پرزائيڊنگ آفيسر امداد علي شاهه صحيح ڪرڻ کان پوءِ غائب ٿي ويو هو، جيڪو اليڪشن ڏينهن سڄو ڏينهن پولنگ اسٽيشن تان غائب رهيو، جيڪو واضع ڌانڌلي جو ثبوت آهي ۽ ان بابت اسان آر او کي به اطلاع ڪيو ويو هو، پر انَ ڪوبه ايڪشن نه ورتو، مان چونڊ نتيجن کي نٿو مڃان ۽ مان ڪورٽ جو در کڙڪائيندس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close