اسلام آبادپاڪستان

ٿر،عمرڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ پهرين جولاءِ کان برسات جو امڪان

اسلام آباد :ملڪ ۾ چوماسي برساتن جو پهريون اسپيل هلندڙ هفتي شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. سنڌ ۾ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ پهرين جولاءِ جي رات کان برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي مطابق چوماسي برساتن جو پهريون سلسلو جمعي کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب ڪشمير، ڏکڻ اوڀر بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ ۾ پنج جولاءِ تائين تيز هوائون ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ذريعن مطابق چوماسي جو ٻيو سلسلو 6 کان 15 جولاءِ تائين جو امڪان آهي، جنهن ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. وڌيڪ ته قرباني واري عيد تي به برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جي چيف ميٽرولجسٽ سردار سرفراز ٻڌايو ته مون سون سسٽم سان عربي سمنڊ مان هوائون به ملڪ تي اثرنداز ٿينديون. ملڪ جي اتر حصي ۾ 30 جون کان برساتن جي شروعات ٿيندي. سردار سرفراز مطابق سنڌ ۾ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ پهرين جولاءِ جي رات کان برسات ٿي سگهي ٿي. 2 جولاءِ جي شام يا رات ڪراچي ۾ به برساتن جو امڪان آهي. هن ٻڌايو ته هي سسٽم ملڪ جي ڏکڻ حصي واري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ برساتن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ان دوران 3 کان 4 ڏينهن ۽ ڪجهه علائقن ۾ پنجن ڏينهن تائين وقفي وقفي سان برساتن جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button