ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ 6 ٻارن جي ما آپگهات ڪري ڇڏيو. ڳوٺ بچل خان بوداڻي ۾ 6 ٻارن جي ما شهزادي زال غلام قادر خاصخيلي پنهنجي گهر اندر مبينا 12 بور جي بندوق سان پاڻ تي فائر ڪري آپگهات ڪيو، اطلاع ملڻ تي تعلقي پوليس پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو. پوليس موجب عورت کي گولي ڄاڙي ۾ هيٺان لڳل آهي، پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، جاچ ڪنداسين. وارثن موجب عورت جو ذهني توازن درست نه هو، سندس علاج هلندڙ هو، 2 مهينا اڳ هن زهر پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي، اڄ بندوق هڻي آپگهات ڪيو، اسان قانوني ڪارروائي نٿا چاهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close