پاڪستانسنڌ

علي گوهر مهر پاران نتيجا تبديل ڪرڻ خلاف اڄ ڌرڻي جو اعلان

خانپورمهر: مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب اميدوارن جا چونڊ نتيجا تبديل ڪرڻ خلاف علي گوهر خان مهر اڄ ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ مڪاني چونڊن ۾ چونڊيل اميدوارن جا چونڊ نتيجا تبديل ڪرڻ توڙي حڪومتي ڌر جي زيادتين خلاف جي ڊي اي ايم پي اي علي گوهر خان مهر گوهر پيلس تان مختصر پريس بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ جي ڊي اي اميدوارن سان ناجائزي ڪئي وئي آهي، انهن جا رزلٽ تبديل ڪيا پيا وڃن، اسان جو کٽيل ضلعو هارائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومتي مشينري جي اهڙي عمل خلاف اڄ 8 وڳي ميرپورماٿيلو ۾ ڊي آر او آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويندو، جن به اميدوار سان زيادتي ٿي آهي، اهي ڌرڻي ۾ پهچن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button