اسلام آبادپاڪستان

اتروزيرستان ۾ پوليو ٽيم تي هٿياربندن جو حملو،2 پوليس اهلڪار ۽ هڪ پوليو ورڪر مارجي ويا

اتر وزيرستان/اسلام آباد: اتر وزيرستان جي تعلقي دتاخيل ۾ پوليو ٽيم تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار ۽ هڪ پوليو ورڪر شهيد ٿي ويا ۽ هڪ ٻار زخمي ٿي پيو. ڊپٽي ڪمشنر اتر وزيرستان شاهد علي خان مطابق دتاخيل تعلقي جي علائقي تنگ ڪلي ۾ پوليو ٽيم ٻارڙن کي پوليو ويڪسين جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ويل هئي. هن ٻڌايو ته اڱاري جي صبح جو پوليو ٽيم تي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ٻه پوليس اهلڪار سپاهي ڀيم شاهد، رضا الله ۽ هڪ پوليو ورڪر رشيدالله ٿڏي تي شهيد ٿي ويا. هن ٻڌايو ته فائرنگ ۾ هڪ ٻار زخمي ٿيو آهي، لاش ۽ زخمي ٻار کي تعلقي اسپتال دتاخيل منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ڇانئجي ويو، جوابدار فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا جن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

سينيئر پوليس آفيسر اشفاق انور غير ملڪي نيوز ايجنسي اي ايف پي کي ٻڌايو ته هٿياربند موٽرسائيڪل تي آيا ۽ انهن پوليو ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻار پڻ زخمي ٿيو. هن ٻڌايو ته فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽنهي ڄڻن ٿڏي تي دم ڏنو. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي. پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان پڻ واقعي جي مذمت ڪندي شهيدن جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي، هن حملي ۾ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري جي هدايت ڏيندي چيو ته پوليو ٽيمن تي حملو ڪندڙ اسان جي ٻارن جي آئيندي جا دشمن آهن.

حملي ۾ ملوث جوابدارن کي انجام تي رسايو ويندو. وفاقي وزير صحت عبدالقادر پٽيل پڻ حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز پوليو ورڪرن جي حفاظت لاءِ پنهنجي زندگين جون قربانيون ڏنيون آهن، شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته فرنٽ لائن هيروز ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن هميشه ثابت قدمي ۽ بهادري سان مشن کي جاري رکيو، اسان کي هر ٻار تائين ويڪسين پهچائڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، للڪارن باوجود پاڪستان کي پوليو فري بڻائڻ وارو حدف ماڻي رهنداسين. ياد رهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال پوليو جا 11 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن ۽ اهي سڀ ڪيس اتر وزيرستان ۾ سامهون آيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button