اسلام آبادپاڪستان

ادارا نيوٽرل رهندا ته پي ٽي آءِ جهڙيون غير جهموري پارٽيون کٽي نٿيون سگهن:بلاول ڀٽو

اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ادارا نيوٽرل رهندا ته غيرجمهوري پارٽيون جيئن عمران خان جي جماعت آهي، اهي کٽي نٿيون سگهن. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ ۾ جهموريت، صاف شفاف چونڊن ۽ عوام جي معاشي حقن لاءِ ٽن نسلن کان جدوجهد ڪري رهي آهي. اسان هر آمر جي ظلمن جو مقابلو ڪيو آهي، پيپلز پارٽي کي ڌانڌلي باوجود حڪومت جو موقعو مليو. پرڏيهي وزير اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته خان صاحت کي شڪايت آهي ته ادارا نيوٽرل ڪيئن ٿي ويا، جيڪڏهن ادارا نيوٽرل رهندا ته غير جمهوري پارٽيون جيئن عمران خان جي جماعت آهي اهي کٽي نٿيون سگهن. خان صاحب جيان سنڌ ۾ ڪجهه ڪٺ پتلي سياستدان آهن جن کي اڳيان آندو ويندو آهي. کين خبر آهي ته 2018ع ۾ ڌانڌلي ذريعي هتي آيا، جڏهن شفاف اليڪشن ٿيندي ته کين ڀڄڻ جو موقعو به نه ملندو. هن چيو ته چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ هي سڀ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گڏ ٿيا هئا ته اليڪشن ملتوي ڪرائجي. هينئر ئي مخالفن جو روئڻ پٽڻ شروع ٿي ويو آهي، کين وڌيڪ روئڻو پٽڻو آهي. ٻئي مرحلي ۾ به اسان جي مخالفن جو ضمانتون ضبط ٿي وينديون، کين ڊپ آهي ته ادارا مداخلت نه ڪندا ۽ جيڪڏهن مداخلت نه ٿي ته پيپلز پارٽي کٽي ويندي. لاڙڪاڻي مان چونڊون کٽڻ تي اسان تي ڌانڌلي جو الزام مڙهيو ويندو آهي، اهو ڪهڙي قسم جو مذاق آهي. پيپلز پارٽيءَ کي ڌانڌلي باوجود حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو. هن ملڪ ۾ پيپلز پارٽيءَ خلاف ڌانڌلي ٿي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ڀٽو جي پارٽيءَ کي روڪڻ لاءِ ڌانڌلي ٿي، پر هو کٽي نه سگهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button