اسلام آبادپاڪستان

تيل تي مرحليوار 50 رپيا في لٽر ليوي لاڳو:فنانس بل منظور

اسلام آباد : قومي اسيمبلي پيٽروليم ليوي جي قيمت ۾ مرحليوار 50 رپيا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نئين مالي سال ۾ پيٽروليم ليويِ 50 رُپيا في لِٽر ٿي ويندي. قومي اسيمبلي وفاقي بجيٽ ۾ ترميمن ۽ فنانس بل 23-2022ع جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. 15 کان 30 ڪروڙ رُپيا سالياني آمدني تي هڪ کان 4 سيڪڙو سُپر ٽئڪس لڳائڻ جي شق منظور ڪئي وئي آهي، 30 ڪروڙ کان وڌيڪ سالياني آمدني وارن 13 شعبن تي 10 سيڪڙو سُپر ٽئڪس لڳائڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي. ايئرلائينز، آٽو موبائيل، مشروبات، سگريٽ، سيمينٽ، فرٽيلائيزر، فارما سوٽيڪل، شگر ۽ ٽيڪسٽائيل صنعتن تي 10 سيڪڙو سُپر ٽئڪس لڳايو ويندو. جڏهن ته بئنڪنگ شعبو به 10 سيڪڙو سپر ٽئڪس کان بچي نه سگهندو. ڪالهه اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فنانس بل 2022-23 جي منظوري جي رٿ پيش ڪئي وئي. ان ڏس ۾ ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا ايندڙ مالي سال ۾ مرحليوار بنيادن تي پيٽروليم ليوي ٽيڪس ۾ 50 رپيا اضافي جي منظوري گهري، ايوان پيٽروليم شين تي 50 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو ڪرڻ جي ترميم منظور ڪري ورتي. عائشا غوث پاشا جو چوڻ آهي ته اسان اهڙا ٽئڪس آڻي رهيا آهيون، جيڪي اميرن تي لڳندا، اسان اهو ان ڪري ڪيو ته جيئن عام ماڻهو تي بار نه پوي. اسان جيڪي تبديليون ڪيون اِهي اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان طئي ڪري وئي هئي، اسان رڳو پنهنجن واعدن جي پاسداري ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته هن وقت پيٽروليم شين تي ليوي ٻڙي آهي، في الحال 50 رپيا في لٽر ليوي لاڳو نٿا ڪري سگهون. 50 رپيا في لٽر هڪ ئي وقت ۾ ليوي لاڳو نه ٿيندي، قومي اسيمبلي پيٽروليم شين تي ليوي لاڳو ڪرڻ جو اختيار حڪومت کي ڏئي ڇڏيو آهي. وفاقي بجيٽ جي شق وار منظوري دوران سئنيما، فلم پروڊڪشن ۽ پوسٽ پروڊڪشن لاءِ درآمدي سامان تي ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي، ان سان گڏوگڏ پروجيڪٽر، اسڪرين، ٿري ڊي شيشيز، ڊجيٽل لائوڊ اسپيڪر، ايمپليفائر، ميوزڪ ڊسٽري بيوشن سسٽم ۽ ٻين شين تي ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي. ٽيڪس جي شرح بابت ترميم موجب 50 هزار رپيا ماهوار آمدني رکندڙن تي ڪو به ٽيڪس نه لڳايو ويندو. جيڪي 50,000 ۽ 100,000 رپيا مهيني جي وچ ۾ ڪمائي رهيا آهن انهن تي اڍائي سيڪڙو جي شرح تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. 10 لک رپين کان وڌيڪ ماهوار ڪمائيندڙن تي 29 لک رپيا ساليانو ٽيڪس لاڳو ٿيندو. جڏهن ته 10 لک رپين کان وڌيڪ آمدني وارن تي 35 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو، ان رقم تي 32 ڏهائي 5 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 3 کان 5 لک رپيا ماهوار پگهار کڻندڙن تي 4 لک 5 هزار رپيا ساليانو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. جڏهن ته 200,000 کان 300,000 رپيا ماهوار آمدني وارن تي 165,000 رپيا سال جي حساب سان ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو ۽ 200,000 رپيا کان وڌيڪ آمدني وارن تي 20 سيڪڙو هڪ مهيني ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. ماهوار هڪ کان 2 لک پگهار کڻندڙن تي 15 هزار رپيا فڪس ٽيڪس ساليانو ۽ هڪ لک کان اضافي رقم تي ساڍا 12 سيڪڙو جي شرح سان ماهوار ٽيڪس لاڳو ٿيندو. قومي اسيمبلي 150 ملين کان 300 ملين رپين جي سالياني آمدني تي هڪ کان 4 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي. ايئر لائنز، گاڏيون، مشروبات، سيمينٽ، ڪيميڪل، سگريٽ، ڀاڻ، اسٽيل، ايل اين جي ٽرمينل، آئل مارڪيٽنگ، آئل ريفائننگ، دواسازي، شگر ۽ ٽيڪسٽائيل تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. امپورٽ ٿيل موبائيل فونن تي پڻ ليوي لاڳو ڪئي وئي. 30 ڊالرن جي موبائيل فون تي 100 رپيا، 30 کان 100 ڊالرن جي موبائيل فون تي 200 رپيا، 200 ڊالر جي امپورٽ ٿيل موبائل فون تي 600 رپيا، 350 ڊالر واري موبائيل فون تي 1800 رپيا، 500 ڊالر واري موبائيل فون تي 4000 رپيا، 7700 ڊالر ماليت جي فونن تي 8000 رپيا ۽ 70701 جي موبائل فونن تي 16000 رپيا ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. مالي سال 2023ع ۾ بئنڪنگ سيڪٽر تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. واپارين کان بجلي جي بلن ذريعي سيلز ٽيڪس جي وصولي بابت به ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button