اسلام آبادپاڪستان

پگهاردار طبقي لاءِ نئين ٽئڪس شرح بابت ترميم منظور

اسلام آباد: قومي اسيمبلي پگهاردار طبقي لاءِ نئين ٽيڪس شرح بابت ترميم منظوري ڪري ورتي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ منظور ڪيل ترميم موجب ماهوار 50 هزار رپين تائين پگهار کڻندڙ تي ڪو به ٽئڪس لاڳو نه ڪيو ويندو. جڏهن ته ماهوار 50 هزار رپين کان هڪ لک رپين تائين پگهار کڻندڙن تي اڍائي سيڪڙو جي شرح سان ٽئڪس لاڳو ٿيندو. ترميم موجب ماهوار هڪ کان 2 لک رپيا پگهار کڻندڙ تي ساليانو 15 هزار رپيا فڪس ٽئڪس ساليانو جڏهن ته 1 لک رپين کان اضافي رقم تي ساڍا 12 سيڪڙو شرح سان ماهوار ٽئڪس لڳايو ويندو ۽ ماهوار 2 کان 3 لک رپيا پگهار کڻندڙ تي ساليانو هڪ لک 65 هزار ٽئڪس لڳايو ويندو. قومي اسيمبلي جي منظور ڪيل ترميم موجب ماهوار 3 کان 5 لک رپيا پهگار کڻندڙن تي 4 لک پنج هزار رپيا ساليانو جڏهن ته 3 لک اضافي رقم تي 25 سيڪڙو ماهوار ٽئڪس لڳايو ويندو ۽ ماهوار 5 کان 10 لک رپيا پهگار کڻندڙن تي 10 لک رپيا ساليانو ۽ 5 لک رپين کان اضافي رقم کڻندڙن تي 32 ڏهائي 5 سيڪڙو شرح سان ٽئڪس لاڳايو ويندو.ترميم موجب ماهوار 10 لک رپين کان اضافي رقم تي 35 سيڪڙو ٽئڪس لڳايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button