پاڪستانسنڌ

ڦلهڏيون ۾ پرڻيل عورت خودڪشي ڪري ڇڏي

سنڌڙي: ڦلھڏيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ والو خان شر ۾ عورت رخسانه زال درمحمد گھرو پريشانين کان تنگ ٿي زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي. سندس ما ۽ ڀا سھري ۽ سندس ڀائرن احمد ۽ ٻين تي قتل ڪرڻ جو الزام هنيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻايو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ ميرپورخاص موڪليو. ڇوڪري جي پيءَ بخش شر ٻڌايو ته منھنجي ڇوڪري پاڻ زھر پيتو آھي. ٻئي پاسي رخسانه جي ما سھجان ۽ ڀا اصغر علي ٻڌايو ته جوابدار احمد شر، لياقت شر، علي حسن شر ۽ عثمان شر اسان جي ڀيڻ کي مھڻا ڏيندا ھئا ۽ مختلف طريقن سان رخسانه کي تنگ ڪندا ھئا، ان ڪري هن انتھائي قدم کنيو، اسان کي خبر نه ٿي پئي ته کيس ماريو ويو آھي يا پاڻ زھر پيتو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button