اسلام آبادپاڪستان

چين پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي:چيني ترجمان

بيجنگ : چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان زائو ليجيان چيو آهي ته چين پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي، ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ مالي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. هن انٽرنيشنل پريس سينٽر، آئي پي سي ۾ معمول جي نيوز بريفنگ دوران چيو ته چين ۽ پاڪستان سدابهار اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن. چين معاشي ترقي، ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ هميشه پاڪستان جي مدد ڪئي آهي. چين ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ترجمان چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ چيني سفارتخانو چيني ادارن جي تحفظ جي حوالي سان ويجها رابطا ۽ هم آهنگي کي برقرار رکيو آهي. پاڪستان حڪومت سي پيڪ ۽ بين الحڪومتي تعاون جي منصوبن ۾ شامل چيني اهلڪارن جي تحفظ لاءِ هڪ خاص سيڪيورٽي فورس قائم ڪئي ۽ پاڪستان ۾ چيني عهديدارن جي حفاظت به ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button