لاهور :ن ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب حڪومت جي ترجمان عطا تارڙ چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ حمزا شهباز جي چونڊ کي ڪالعدم قرار ناهي ڏنو ۽ نه ئي کيس عهدي تان هٽايو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ 63 اي بابت تشريح ۾ چيو آهي ته پارٽي هدايت خلاف ووٽ شمار نه ٿيندو. عدالت نه اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي ۽ نه ئي نئين اليڪشن جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته نه چونڊن کي ڪالعدم قرار نه ئي حمزا شهباز کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. پنجاب جي وڏي وزير طور حمزا شهباز جي فيصلن کي تحفظ ڏنو ويو آهي. عطا تارڙ چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ اسان جي ميمبرن جو انگ 177 آهي ۽ اسان کي 9 ووٽن جي سرسري آهي. 25 ميمبرن ڪڍئون تڏهن به اسان جي ميمبرن جو انگ 177 آهي، اسان پراميد آهيون ته اسان هي رن آف اليڪشن به کٽي وينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close