اسلام آبادپاڪستان

اختيار استعمال ڪيو ته روز حاضري هوندي:چيف جسٽس جي فواد چوڌري کي ڇنڊ

اسلام آباد : پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جي معاملي تي پي ٽي آءِ جي درخواست تي شنوائي دوران عدالت اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي ڇنڊ پٽي. شنوائي دوران فواد چوڌري چيو ته حمزا شهباز قائم مقام وڏو وزير هوندو، ڇو ته هو چونڊيل وڏو وزير ناهي پر چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ حمزا شهباز لاءِ نگران جو لفظ استعمال نه ڪيو. چيف جسٽس فواد چوڌري کي مخاطب ٿيندي چيو ته پي ٽي آءِ ان کان اڳ رڳو نيب واري درخواست ڏني هئي پر توهان جو لفظ ٻڌي لڳي ٿو ته توهان کي عدالتي نظام سان گهڻو چاهه آهي. چيف جسٽس چيو ته عدالت تي ڳالهيون ڪرڻ تمام سولو آهي، جج جواب نٿا ڏئي سگهن پر ياد رکو، جيڪڏهن توهين عدالت جو اختيار استعمال ٿيو ته توهان جي روز هتي حاضري هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button