سنڌ

ڪرونا ڪيس وڌي رهيا آهن،عوام احتياط ڪري:شرجيل انعام ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي سميت صوبي جي ٻين علائقن ۾ ڪرونا جا ڪيسز وڌي رهيا آهن. عوام احتياط ڪري ۽ ماسڪ پائڻ سميت سماجي فاصلي کي يقيني بڻائي. هن شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو وڌ ۾ وڌ ويڪسين لڳرائين ۽ جن ويڪسين لڳرائي ڇڏي آهي سي بوسٽر ڊوز لڳرائين. اها ڳالھه هن هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالھه ٻولهھ ڪندي ڪئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به ايمرجنسي واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورين وڏين اسپتالن کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سڀ کان وڏي شيءِ احتياط آهي پر شهري ان تي ڌيان نٿا ڏين، ماڻهو ماسڪ جو استعمال نٿا ڪن، نه ئي سماجي فاصلي جو خيال ڪن ٿا. هن چيو ته ويڪسين ۽ بوسٽر ڊوز کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪرونا ٿي به وڃي ته ان جا اثر شديد ناهن ٿيندا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڪرونا جون علامتون ظاهر ٿين ته ترت ٽيسٽ ڪرائي. هن چيو ته افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته ماڻهو ٽيسٽ نٿا ڪرائين ۽ ڪرونا کي لڪائي رهيا آهن، جنهن سان هو پاڻ کي، پنهنجي ٻارن کي، خاندان ۽ والدين کي خطري ۾ وجھي رهيا آهن. هن چيو ته ريسٽورنٽ، شادي هال ۽ بازارن جي بندش تي في الحال ڪو به غور نه پيو ڪيو وڃي. ملڪ جي موجوده معاشي حالتن ۾ بندش نٿي ڪري سگھجي. هن چيو ته اسين سموريون ذميواريون حڪومت وقت تي ڇڏي ڏيندا آهيون. پر جيڪڏهن عوام پاڻ احتياط ڪرڻ شروع ڪري ته بهتري اچي سگھي ٿي. حڪومت جيڪڏهن ريسٽورينٽ، بازارون ۽ شادي هال بند ڪرڻ جا حڪم ڏئي ٿي ته نقصان اسان سڀني جو ٿيندو. عوام کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي. اسان ڇو حڪومتي حڪمن جو انتظار ڪريو ٿا؟ هن چيو ته عوام ۾ ڪرونا جي آگاهي مهم جو آغاز به ڪنداسين پر آگاهي ان ڳالھه جي ڏني ويندي آهي، جنهن جو ماڻهن کي علم نه هجي، سڀئي ڄاڻين ٿا ته ڪرونا ڪيسز وڌي رهيا آهن اسان سڀني کي پنهنجي ذميواري کي محسوس ڪرڻو پوندو ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ لازمي آهن. هن چيو ته عيدالاضحيٰ ويجھي آهي اسان کي جانورن جي خريداري وقت مال پڙين ۾ ماسڪ پائڻ، سماجي فاصلي سميت عيد جي نماز جي اجتماعن ۾ به سماجي فاصلي جو خيال رکڻ گھرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button