اسلام آبادپاڪستان

ڊائريڪٽ ٽيڪس جي مد ۾ 32 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو:ايف بي آر

اسلام آباد :ايف بي آر مالي سال 2021-22 دوران 6129 ارب ٽيڪس اوڳاڙيو آهي. ايف بي آر جي ترجمان مطابق ايف بي آر کي گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 29 ڏهائي هڪ سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙيون ٿيون. ڊائريڪٽ ٽيڪس جي مد ۾ 32 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. مالي سال 2021-22 دوران انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 2278 ارب رپين جا ٽيڪس گڏ ٿيا. گزريل مالي سال انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 1731 ارب رپيا حاصل ٿيا هئا، مالي سال 2021-22 سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 2525 ارب رپين جا ٽيڪس گڏ ٿيا هئا. گذريل مالي سال سيلز ٽيڪ جي مد ۾ 1983 ارب رپيا حاصل ٿيا هئا، مالي سال 2021-22 ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ هڪ هزار ارب رپين جا ٽيڪس گڏ ٿيا. گذريل سال ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ 747 ارب رپيا حاصل ٿيا هئا، مالي سال 2021-22 ۾ ري فنڊز 33.3 سيڪڙو اضافو 335 رپيا آهي. گذريل مالي سال مجموعي طور تي 251 ارب جا ري فنڊ ادا ڪيا ويا هئا، جون 2022 ۾ ايف بي آر 763 ارب رپين جون ٽيڪس اوڳاڙيون ڪيون. گذريل سال جون ۾ 580 ارب رپين جون ٽيڪس اوڳاڙيون ڪيون ويون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button