اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

“پيٽرول پمپ نه کلندا”:پيٽروليم ڊيلرز 18 جولاءِ کان هڙتال جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن 18 جولاءِ کان سڄي ملڪ ۾ هڙتال جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته جيستائين مطالبا نٿا مڃيا وڃن پيٽرول پمپ نه کلندا ۽ حڪومتي نمائندن کي ڪا خبر ناهي، نه ئي ڪجهه ٻڌڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پيٽرول جا اگهه وڌڻ سان اسان کي فائدو نه نقصان ٿي رهيو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ موٽر سائيڪلن وارا پريشان آهن. اڳوڻي حڪومت جون تائين 4 سيڪڙو منافعو وڌائڻ جو واعدو ڪيو هو پر نه وڌايو ويو. سندس چوڻ هو ته اسان سان ڪيل واعدو پورو ڪيو وڃي، پيٽروليم وزارت کي چيو آهي ته جيڪڏهن هڪ هفتي ۾ منافعو نه وڌايو ويو ته سخت فيصلو ڪنداسين. پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن چيئرمين چيو ته اسان جي انويسٽمينٽ وڌي وئي آهي ۽ بئنڪ وياج 13 سيڪڙو ٿي چڪو آهي. اسان تي ڊيلرن جو تمام گهڻو دٻاءُ آهي ۽ هاڻ ڪو نه ڪو فيصلو تمام ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button