اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ ڪرونا جا 800 نوان ڪيس ظاهر،شرح 4 سيڪڙو کان وڌي وئي

اسلام آباد :سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 18 هزار 305 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. ڇنڇر تي اين آءِ ايڇ طرفان جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 18 هزار 305 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 818 ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيل پازيٽو ٽيسٽن جي شرح 4 ڏهائي 47 سيڪڙو رهي آهي. ان دوران ڪرونا وائرس سبب 4 مريض فوت ٿيا. جڏهن ته 126 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button