اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

شمسي توانائي جي ڪاروبار تي مراعتون ڏيڻ جون سفارشون

اسلام آباد : اڳوڻي حڪومت جي سولر انرجي ٽاسڪ فورس سولر انرجي جي ڪاروبار تي مراعتون ڏيڻ جون سفارشون گڏ ڪري ورتيون.اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ سولر انرجي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سميت ٽاسڪ فورس جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. ميڊيا بريفنگ ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ سولر انرجي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ مختلف قدمن جو جائزو ورتو ويو. هن وڌيڪ چيو ته توانائي جي بچت ۽ گرين انرجي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته سرڪاري عمارتن کي سولر انرجي تي منتقل ڪيو ويندو، ان حوالي سان فزيبلٽي رپورٽ ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته بجلي تي سبسڊي وارن علائقن ۾ به سولر پلانٽس لڳايا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button