اسلام آباد:چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا واضح ڪيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران امن امان قائم رکڻ ۽ چونڊ عملي کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي. چونڊن ۾ ان جو ڪردار انتهائي اهم آهي، سمورن وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي اها آئيني ذميواري آهي ته اليڪشن ڪميشن کي پرامن بڻائين، چونڊن دوران بي ضابطگين جي صورت ۾ ذميوارن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به طرح جي سياسي دٻاءَ کي قبول نه ڪيو وڃي. جاري ڪيل پريس رليز مطابق چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب، ميمبر ڪميشن، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين سينئر آفيسرن سان ننڍي چونڊ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس گذريل ڏينهن لاهور ۾ منعقد ٿيو. اجلاس م پنجاب ۾ 20 صوبائي تڪن ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان سڪندر سلطان راجا ڪئي. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کان عاوه چيف سيڪريٽري پنجاب ڪامران افضل، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هوم سيد علي مرتضيٰ، آءِ جي پوليس پنجاب سردار اي اي ڊي جي رينجرز، مختلف کاتن جي سيڪريٽرين، ايجنسين جي نمائندن ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اڳ ۾ ئي اليڪشن ڪميشن طرفان سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد خان شرڪت ڪندڙن کي اليڪشن ڪميشن طرفان بريفنگ ڏني. بعد ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب ڪامران افضل اليڪشن ڪميشن کي ننڍي چونڊ رٿڻ جي تيارين جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ خاطري ڪرائي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن معاونت فراهم ڪندي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ملازم اليڪشن جي غيرجانبدار ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائيندا. وڌيڪ آءِ جي پنجاب راءِ سردار پڻ اليڪشن کي سيڪيورٽي جي انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ خاطري ڪرائي ته نه صرف پوليس بلڪه ٻيا به قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اليڪشن کان اڳ ۽ اليڪشن جي ڏينهن امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجا فراض نهايت ايمانداري سان ادا ڪندا. اليڪشن ڪميشن کي رينجرز ۽ ٻين عملدارن پڻ امن امان قائم رکڻ لاءِ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. پنجاب جي 14 ضلعن ۾ 20 صوبائي اسيمبلي جا تڪ 17 جولاءِ تي ننڍي چونڊ منعقد ٿي رهي آهي. انهن 20 صوبائي اسيمبلي جي تڪن ۾ 3141 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن ۽ ڪل 175 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close