پاڪستان

اتر وزيرستان ۾ فورسز جي ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: اتروزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي غلام خان ڪلي ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته سندن قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button