پاڪستان

فضل الرحمان اسپتال داخل، وزيراعظم عيادت لاءِ پهچي ويو

لاهور: جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي طبيعت خراب ٿي پئي، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال نيو ويو. فضل الرحمان کي طبيعت خراب ٿيڻ تي اسپتال نيو ويو، جتي سندس چيڪ اپ ڪيو ويو. جي يو آ ءِ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان لٻلٻي جي عارضي سبب اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان جون ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، رپورٽ اچڻ تي ڊاڪٽرز وڌيڪ علاج ڪنداسين. ترجمان جي يو آءِ حافظ عبدالرحمان مولانا فضل الرحمان اسپتال کان ڊسچارج ٿيڻ بعد حج لاءِ روانو ٿيندو. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف اسپتال پهچي مولانا فضل الرحمان سان عيادت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان کي گلدستو پيش ڪيو ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن اسپتال انتظاميا کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button