پاڪستانسنڌ

ڪوشش هوندي ته برسات دوران عوام پريشان نه ٿئي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاھه، شرجيل انعام ميمڻ ۽ سعيد غني چوماسي جي برساتن کان اڳ شهر ۾ نالن جي صفائي جي هلندڙ ڪمن جو اوچتو دورو شروع ڪري ڇڏيو. صوبائي وزيرن گارڊن هيڊ ڪوارٽر جي ويجهو نالي، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ميڪلوڊ روڊ، نيو چالي، ڪوئينز روڊ سميت ٻين علائقن ۾ ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز جي برساتي نالن تي هلندڙ صفائي جي ڪمن جو جائزو ورتو ۽ موقعي تي ئي ضروري هدايتون جاري ڪيون. صوبائي وزيرن چيو ته برساتن کان اڳ سمورن لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ سمورن ھيٺانھين وارن علائقن مان پاڻي جي نيڪال جي لاءِ مشينون لڳائڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي ۽ برساتن کان فوري بعد پاڻي جي نيڪال لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا. هنن چيو ته اسانجي ڀرپور ڪوشش آهي ته مون سون جي برساتن ۽ عيد الاضحيٰ جي موقعي تي بهتر کان بهتر ڪم سرانجام ڏيون. سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ هڪ ٻن ڏينهن ۾ چوماسي جي برساتن جو امڪان آهي ۽ ان کي نظر ۾ رکندي وزيراعليٰ سنڌ جي خاص هدايتن تي اڄ شهر جي ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز جي نالن جي صفائي جي ڪم جو جائزو وٺي رهيا آهيون. اسان جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته شهرين کي برساتن دوران پريشانين کي منهن نه ڏيڻو پوي. بلديات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته شهر ۾ چوماسي برساتن کان اڳ ئي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهھ جي هدايتن تي پوري شهر جي ننڍن وڏن نالن جي صفائي جي شروعات ڪري ڇڏي هئي. ڪجهه جاين تي چوڪنگ پوانٽس جي نشاندهي ٿي آهي، انهن تي به فوري ڪم شروع ڪرايو ويو آهي. ليبر کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته هن دفعي اسانجي ڀرپور ڪوشش آهي ته جتي جتي به برساتن جي ڪري پاڻي جيڪڏهن جمع ٿيندو ته فوري طور تي ان جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي. صوبائي وزيرن آءِ آءِ چندريگر روڊ تي سالن کان اتي برساتن جي ڪري پاڻي جمع ٿيڻ جي مسئلي کي مڪمل حل جي لاءِ هلندڙ ڪم جو به جائزو ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button