اسلام آبادپاڪستانپنجاب

پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ،اجلاس جي سربراهي ڊپٽي اسپيڪر ڪندو:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي ٻيهر چونڊ 22 جولاءِ تي ڪرائڻ جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، 10 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس اعجاز الاحسن لکيو آهي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ 8 نقطن تي ترميمون ڪيون ٿا، 22 جولاءِ شام 4 وڳي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي. سڀ قانوني گهرجون پوريون ڪندي هڪ هفتي اندر اجلاس گهرايو وڃي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري سڀ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو. عدالت ننڍي چونڊ تائين پوليس ۽ انتظاميا ۽ صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ ڀرتين ۽ مقررين کان روڪي ڇڏيو آهي. عدالت ننڍي چونڊ وارن تڪن ۾ نون ترقياتي منصوبن جو اعلان يا رقم مختص ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي ۽ حڪم ڏنو آهي ته ضابطي اخلاق جي خلاف ورزي تي اليڪشن ڪميشن قانون موجب ڪارروائي ڪري. سپريم ڪورٽ چيو ته حمزه شهباز خاطري ڪرائي ته پنجاب جي ننڍي چونڊ آزاد ۽ شفاف ٿيندي، خاطري ڪرائي وئي ته آئيني خال پيدا نه ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن هڪ هفتي ۾ پنج مخصوص سيٽن تي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري پنجاب ۾ ننڍي چونڊ کانپوءِ جيڪڏهن ڪو تڪرار پيدا ٿئي ٿو ته ان لاءِ قانوني فورمز موجود آهن. وفاقي، صوبائي اسيمبليون ، ميمبر، اليڪشن ڪميشن، وزير، صلاحڪار ننڍي چونڊ دوران چونڊ قانونن جي پاسداري ڪندا. سپريم ڪورٽ چيو ته وڏ وزارت جي چونڊ دوران پرامن ماحول برقرار رکڻ جي سڀني ڌرين خاطري ڪرائي، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر به خاطري ڪرائي آهي ته پنجاب اسيمبلي جا معاملا پرامن هوندا، حمزه شهباز پنهنجي ۽ ڪابينا طرفان خاطري ڪرائي ته معاملا ختم ٿيڻ تائين قانون موجب هلنداسين. ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف، (ن) ليگ ۽ مسلم ليگ (ق) ۾ اتفاق ٿيو آهي، عدالت فيصلي ۾ اهو به چيو آهي ته مسلم ليگ (ن)، تحريڪ انصاف ۽ (ق) ليگ جو هاڪاري ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته حمزه شهباز اهو بيان ڏنو ته 17 جولاءِ کانپوءِ ووٽنگ ڪرائڻ تي ان کي ڪو به اعتراض نه آهي، عدالت چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي درخواستن تي تفصيلي حڪم جاري ڪري. سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ترميمن سان اڪلائيندي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي ڪنهن کي اعتراض هجي ته ان کي لاڳاپيل فورم تي چئلينج ڪري سگهجي ٿو. سپريم ڪورٽ چيو ته تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪنهن به لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چئلينج ناهي ڪيو، تحريڪ انصاف جي درخواست اڪلائي پئي وڃي. سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست ي هڪ ئي وقت سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۽ لاهور رجسٽري ۾ وڊيو لنڪ ذريعي جمعي ڏينهن ٻڌڻي ڪئي هئي، لاهور رجسٽري ۾ وڏو وزير حمزه شهباز ۽ اسپيڪر پرويز الاهي پيش ٿيا، چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس جمال خان مندو خيل تي ٻڌل 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button