اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف سان غلط معاهدو ٿيو،هاڻي نچائي رهيو آهي:گهرو وزير

اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان دير سان معاهدو ڪيو ۽ اسان کي هر قيمت تي ان سان معاهدو ڪرڻو هو، هاڻي هڪ ارب ڊالرن لاءِ آءِ ايم ايف اسان کي نچائي رهيو آهي، ملڪ ۾ اگهه وڌائڻ بدران چونڊون ڪرايون وڃن ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. آءِ ايم ايف سان غلط معاهدو ڪيو ويو، جيڪو خامين سان ڀريل هو ۽ شرط به ٺيڪ نه هيا. ڪالهه تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اڻڄاتل حملي آورن جو پتو لڳائڻ لاءِ پنجاب حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪنداسين، اسان پاڻ تنقيد ڪرڻ تي تشدد جو نشانو بڻجي چڪا آهيون، انڪري اهڙن واقعن کي برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته پيٽروليم شين جي اگهه نه وڌائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ ته اگهه وڌائڻ سان مهانگائي وڌندي آهي. جڏهن ته موجودا صورتحال ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ بابت پڻ سوچيو. گهرو وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان دير سان معاهدو ڪيو، اسان کي هر قيمت ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻو هو، هاڻي هڪ ارب ڊالرز جي قرض لاءِ ڳالهيون جاري آهن، آءِ ايم ايف اسان کي نچائي رهيو آهي، ملڪ جو ڏيوالو ٿيو ته صورتحال بگڙجي ويندي. راڻا ثناءَ الله وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ ڏيڍ ارب ڊالر جو نقصان برداشت ڪيو، ملڪي معيشت ۽ امن امان جي صورتحال جو حل سياسي اتفاق راءِ ۾ آهي، ملڪ جو سياسي پارٽين کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته ته هڪ شخص آهي جيڪو ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، انا ۽ غرور انسان کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي. عمران خان ڪنهن سان به ويهڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، عمران خان چوي ٿو ته هو ڪنهن به نه ڇڏيندو ۽ ماڻهن کي گاريون ڏئي ٿو. هو چوي ٿو فلاڻي کي نه ڇڏيندس، هڪ انسان جي اوقات ڪهڙي آهي؟ اهڙي قسم جي ٻولي استعمال ڪرڻ سان قوم کي نقصان ٿيندو آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي مسئلن جي حل لاءِ سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو، جيڪڏهن هي ڪجهه ڪري سگهن ٿا ته چئن ورهين ۾ ڪري ڏيکارين ها. هنن فرح گوگي ۽ احسن گجر جي قسمت بدلائي آهي، فرح گوگي جي سوال تي هاڻي هو جواب نٿا ڏين، قوم انهن جو ساٿ ڏيندي جيڪي ملڪ کي اتفاق راءِ سان گڏ اڳتي وٺي وڃي رهيا آهن، اِهي ماڻهو رڳو لانگ مارچ ۽ جلسن جو ڌمڪيون ڏيندا آهن. پي ٽي آءِ جي جلسي بابت ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته 25 مئي تي اسلام آباد ۾ فسادي ٽولي حملو ڪيو جنهن کي اسلام آباد پوليس، ايف سي ۽ رينجرز ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن تي مان کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. مظاهرين خلاف رڳو ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ ربڙ جون گوليون استعمال ڪيون ويون. هن شڪايت ڪئي ته ڳوڙها گيس ختم ٿي وئي آهي، هن اڳوڻي گهرو وزير کان خريد ڪيو هو. فسادين لاءِ منهنجو پيغام آهي ته هاڻي ڳوڙها آڻيندڙ گيس نئين سر خريد ڪئي وئي آهي، انهن جون شڪايتون ختم ڪيون ويون آهن. اسان اهڙو نظام ٺاهيو آهي جنهن مان هاڻي ڪو به جٿو اسلام آباد ڊي چوڪ تي نه اچي سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button