اسلام آبادپاڪستان

ادارا ملڪ چورن کان بچايو،ڪٿي ائين نه ٿئي جو گيم هٿ مان هلي وڃي:عمران

اسلام آباد: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته منهنجو هڪ ئي مقصد امپورٽڊ حڪومت کي تسليم نه ڪرڻ آهي. ملڪ جي ادارن خلاف جنگ نه پيو وڙهان. ادارن کي نياپو ٿو ڏيان ته ملڪ کي چورن کان بچايو، ڪٿي ائين نه ٿئي جو گيم هٿ مان نڪري وڃي. ڪالهه اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته حڪمرانو! ٻڌي ڇڏيو اسان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي. ڪڏهن منهنجي ذهن ۾ ناهي آيو ته مان ته پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي رهان. نواز شريف جا پٽ چون ٿا اسان پاڪستاني شهري ناهيون، آصف زرداري صدر هوندي آمريڪا کي چيو مون کي بچايو. هن چيو ته جيڪڏهن 25 مئي تي ظلم نه ڪن ها ته پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال نه ڪري ها ۽ روڊ بلاڪ ڪري ها ته عوام جو سمنڊ اسلام آباد نه اچي ها ۽ اهڙو ئي نعرو نه هنيو وڃي ها. هن چيو ته پاڪستان جي مير جعفر ۽ مير صادق سازش ڪري چونڊيل حڪومت کي هٽايو، شريف خاندان جو سڄو پئسو ٻاهر پيو آهي، جيئن ئي انهن جي حڪومت ختم ٿيندي آهي ته نواز شريف ٻاهر هليو ويندو آهي. آصف زرداري به گهڻو عرصو ٻاهر رهيو آهي، انهن جون ملڪيتون به ٻاهر آهن. ملڪ هيٺ وڃڻ سان انهن کي ڪو فرق ناهي پوندو، نواز شريف جڏهن ڀارت ويو ته هن ڪشمير مسئلي تي نه ڳالهايو متان مودي ڪاوڙجي وڃي. سندس چوڻ هو ته مان جيڪڏهن ان ڏينهن ڌرڻو هڻان ها ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿئي ها، جنهن جو فائدو انهن کي ٿئي ها. پوليس ڇاپا نه هڻي ها، شيلنگ نه ڪري ها ته عوام جو سمنڊ هيئن ئي اچڻو هو، قوم جو ادارن کي پيغام آهي، اڃا به وقت آهي انهن چورن کان ملڪ کي بچايو. عمران خان چيو ته اڄ اسان جا ليڊر چون ٿا ته پينو آهيون تنهن ڪري آمريڪا جي غلامي ڪري رهيا آهيون، اسان وينٽي ليٽر تي آهيون تڏهن آمريڪا جي غلامي ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ پينو انهن ٻن خاندانن بڻايو، جن 30 سال حڪومت ڪئي. وزيراعظم ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگيندو آهي ته سڄي قوم کي ذليل ڪندو آهي، مان چاهيان ٿو ته منهنجي قوم پنهنجي پيرن تي بيهي ۽ ڪنهن ملڪ اڳيان هٿ نه ٽنگي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button